حسين هارون

حسين هارون

حسين هارون

حسين هارون: نامياري سياستدان حسين هارون جو پورو نالو عبدالله حسين هارون آهي، پر کيس حسين هارون جي نالي جي سڃاڻپ آهي. هن 21 آڪٽوبر 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هي مسلم ليگ جي اهم رهنما سر حاجي عبدالله هارون جو پوٽو آهي ۽ ناليواري رهنما حميد هارون جو ڀاءُ آهي. سندس والد ڄاتل سڃاتل سنڌي ڪڇي خاندان سان تعلق رکندڙ هو. هن شروعاتي تعليم ڪراچي جي گرامر اسڪول مان ورتي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي اٿس. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز 1970ع کان ڪيو. شروعات ۾ پاڪستان مسلم ليگ جو 1970ع ڌاري اليڪشن ڪوآرڊينيٽر رهيو، بعد ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو ڪائونسلر منتخب ٿيو، ان ذميواري تي 1979ع کان 1985ع تائين رهيو. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (KPT) جو 1980ع کان 1982ع تائين ٽرسٽي رهيو. 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 1985ع کان 1986ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو، جڏهن ته 1986ع کان 1988ع تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر طؤر ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين.
حسين هارون 1988ع کان 1989ع تائين پاڪستان هيرالڊ پبليڪيشن لميٽيڊ (PHPL) جي ڪنسلٽنٽ طؤر به ڪم ڪيو، ساڳئي عرصي ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ نمائندي طؤر شرڪت ڪيائين. هيءُ آئي. بي. اي ڪراچيءَ جي بورڊ جو 1996ع کان 1999ع تائين ميمبر رهيو، ان بعد ٻه سال ڪي. اي. ايس. سي (KESC) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ڊائريڪٽر رهيو. 1999ع کان 2005ع تائين گرفٿ ڪاليج، ڪراچيءَ جو چيئرمئن رهيو. ساڳئي عرصي ۾ دوران پاڪ چائنيز بزنس فورم جو صدر رهيو. هي انگلش اسپيڪنگ يونين آف پاڪستان جو صدر به هو. حسين هارون سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو آهي، صوبائي خودمختياريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور موقف رکندو اچي، ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ پنهنجي موقف تي اٽل رهيو آهي. هن ويجهي ماضيءَ ۾ حڪومت کي صلاح ڏني ته لکين سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪري سگهجي ٿو. جولاءِ 2008ع کان حسين هارون کي اقوام متحده ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي.
حُسينـي: حُسيني، فارسي راڳن جي ٻارهن نغمن يا سرن مان ٻئي نمبر سُر جو نالو آهي، جيڪو سج اڀرڻ کان پوءِ پهرين پهر جي سج تائين ڳائبو آهي. شاهه جي رسالي ۾ سسئيءَ جي سرن مان هڪ سر جو نالو ’حسيني‘ آهي. ’حسيني‘ راڳڻي به آهي. هن نالي سان ڪاٺ ٻانڀڻن جو هڪ فرقو ’حسيني ٻانڀڻ‘ به مشهور آهي. ان کان سواءِ امام حسين عليه السلام جي اولاد ۽ پيروڪار هئڻ ڪري به ڪيترا ماڻهو پاڻ کي حسيني سڏائين ٿا، جيئن: نثار حسيني، امداد حسيني وغيره.


لفظ حسين هارونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.10.21  عيسوي

نامياري سياستدان حسين هارون جو پورو نالو عبدالله حسين هارون آهي، پر کيس حسين هارون جي نالي جي سڃاڻپ آهي. هن 21 آڪٽوبر 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خليل بن بصري
ابوالڪلام آزاد
ايبڪ
شمل خاتون
ٿڌاڻي ڏيئومل گاگن مل
حڪيم قائم الدين مهر
پيرزادو عبدالمجيب
خانچند درياڻي
جون آف آرڪ
شبانه سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون